سولنگي، وزير فرهاد

سولنگي، وزير فرهاد

وزير فرهاد سولنگي

وزير فرهاد سولنگي : اداڪار، گلوڪار، ڊرامه نويس ۽ شاعر وزير فرهاد سولنگيءَ 5 جولاءِ 1967ع تي ڳوٺ مياڻيءَ لڳ ٺٽ ڳوراهو، تعلقي ۽ ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. صحافت ۾ ايم. اي ڪيائين. 1989ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. پنهنجي سياسي ڪيريئر جي شروعات ’ساٿي ٻارڙا سنگت‘ يونٽ مٺياڻيءَ کان ڪيائين ۽ پليٽفارم تان ڪيترا پروگرام منعقد ڪرايائين. هن 1990ع ڌاري ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي. 1992ع ۾ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ نڪتل ’امن مارچ‘ ۾ هي اڳيان اڳيان رهيو. 1993ع ۾ اداڪاريءَ جي شوق ۾ پي. ٽي. وي ڪراچيءَ تي آيو. کيس بيدل مسرور بدويءَ جي هڪ ڊرامي ’سفر‘ ۾ هڪ ڪردار مليو. ان کان پوءِ هن پي. ٽي. ويءَ جي ڪيترن مشهور ڊرامن جهڙوڪ: مور اڏاڻا مور، روپ هزار، وساريل واٽون وغيره ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا. 2004ع ۾ سنڌ ٽي. وي تي ليکڪ ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ٿيو. هن اتي به ڪيترن ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي. فرهاد سولنگي سٺو راڳي به آهي. هي ليکڪ ۽ شاعر طور سنڌي ادبي سنگت موري ۾ سرگرم رهيو آهي ۽ شاخ جو سيڪريٽري به رهي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1967.07.05  عيسوي

اداڪار، گلوڪار، ڊرامه نويس ۽ شاعر وزير فرهاد سولنگيءَ 5 جولاءِ 1967ع تي ڳوٺ مياڻيءَ لڳ ٺٽ ڳوراهو، تعلقي ۽ ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ارونا حسين
روئداد خان
الاهي بخش ايم ڀٽي ڊاڪٽر
حبيب الله ڏيپلائيِ
پير آف راڻيپور
ظفر الله خان
ابڙو ڊاڪٽر عبدالحي
ابن الجوزي
شيري رحمان
عبدالسلام ٿھيم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون